ننڍپڻ کان ھن همراهه جا ڊسڪوري چينل تي Man vs Wild پروگرام ڏسندا ھئاسين، ان وقت يقين ئي نه ايندو ھو ته ھي ھمراھ سخت گرمي ته ڪڏھن وري ڪاٽو چاليھه ڊگري ۾ ڪئين پيو جهر جھنگ لتاڙي. ھي يار اسان کي مخلتف حالتن ۾ نيچر مطابق زندگي جيئڻ جا گر پيو سيکاريندو ھو. اڄ ھي شخص جنھن کي دنيا بيئر گرل جي نالي سان سڃاڻي ٿي، ھو ھن غيرمستحڪم ۽ افراتفري واري دنيا مان بيزار ٿي ڪري پنھنجي زال ۽ پٽ سميت ڪنهن اڻڄاتل جھنگ ۾ ھميشه لاءِ ھليو ويو آھي، بيئر گرل پنهنجي آخري ٽوئٽ ۾ چيو آھي ته ھن ڪجھه دوستن ۽ مائٽن کي ھڪ اي ميل به ڪئي آھي جيڪا سڀاڻي کين ملي سگھندي، پاڻ چوي ٿو ته اصل زندگيءَ جو مزو ٻيلن جبلن پاڻي ۽ جانورن وچ ۾ رھي ڪري آھي، اسان کي ھاڻي ڪير به ڳولڻ جي زحمت نه ڪري، وڃي پنھنجي شھري دنيا ۾ خوش رھو ۽ اسان کي تنگ نه ڪجو. (فيس بوڪ تان ورتل)