“دنيا تيزي سان غير مستحڪم (Volatile ) ٿي رھي آھي، فيصلو ڏکيو پر ھي ٽائم ئي آھي ان جو” پنھنجي 12 ملين فالوئرز  واري فيس بڪ پيج تي ھن قسم جو اسٽيٽس رکي، دنيا جو مڃيل ايڊوينچرسٽ ۽ “Man Vs Wild” جو پريزينٽر بيئرگرل پنھنجي ڪٽنب سميت انسانن جي ھجومن  واري دنيا کي ڇڏي اڻڄاتل (Undisclosed) جھنگن ۽ رڻن پٽن طرف روانو ٿي ويو آھي. نيشنل جيوگرافي، ڊسڪوري، ھسٽري، اينيمل پلانيٽ منھنجا پسنديدھ چينل رھيا آھن، پر جيترو متاثر مون کي بيئرگرل ڪيو، ايترو شايد آئون ڪنھن کان ٿيو ھجان.  خطرناڪ ٻيلن، ريگستانن، سمنڊن، دريائن ۽ ندين ۾ خطرناڪ جانورن ۽ ماحول کي منھن ڏئي، ڪيڙا ماڪوڙا ۽ نانگ بلائون کائي پاڻ کي زندھ رکڻ جا سبق سيکاريندڙ بيئرگرل ئي منھنجي ذھن ۾ کاڌن بابت پيدا ٿيل حلال ۽ حرام وارا ٽيبوز ٽوڙيا. سندس نئون سفر شل ڏسڻ نصيب ٿئي.