ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم نيوزيلينڊ کي لاڳيتو چوٿين ون ڊي ۾ هارائي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ڪالهه نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي فخر زمان جي 14، شان مسعود جي 44، ڪپتان بابر جي 107، رضوان جي 24، آغا سلمان جي 58، افتخار جي 28 رنسن جي مدد سان 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن تي 334 رنسون ٺاهيون جواب ۾ ڪيوي ٽيم 43.4 اوورن ۾ 232 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ پاڪستان 102 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. اساما مير 4، محمد وسيم 3، حارث رئوف 2 ۽ شاهين آفريدي هڪ وڪيٽ ورتي. بابر اعظم مين آف دي ميچ رهيو. پاڪستان ون ڊي رينڪنگ ۾ پهريون ڀيرو پهرين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.