ڪراچي (م ڊ) هر سال جيان هن سال به مهمان پکين جي وڏي انگ سنڌ جو رُخ ڪيو. سنڌ وائلڊ لائيف جي 23-2022 جي سروي موجب سڄي سنڌ جي مختلف آبي گاهن ۽ آبي گذرگاهن تي ايندڙ پکين جو مڪمل انگ 6 لک 13 هزار 851 رهيو. هن سال اهڙا نوان مهمان پکي به ڏٺا ويا، جن جي آمد جو اڳ رڪارڊ موجود ناهي، انهن ۾ ناب بلڊ ڊڪ، انڊين اسپاٽ بلڊ ڊڪ، ڪاٽن ٽيل، بليڪ اسٽورڪ، ليسر فليمنگو، پن ٽيل سنائيپ، پيراسائيٽڪ جيگر، گريٽ ڪريسٽيڊ جيگر شامل آهن، جڏهن ته انهن کانسواءِ 41 مختلف قسمن جا اهڙا واٽر فائولز، جيڪي روايتي طور نظر ايندا رهندا آهن رڪارڊ ٿيا آهن. بدين جي نريڙي ڍنڍ ۾ هڪ لک 766، جڏهن ته بدين ڀرسان ئي ڪڇ جي رڻ  ۾ هڪ لک 58 هزار 306 پکي مهمان بڻجي آيا. پورٽ قاسم تي 41 هزار 112، منڇر ڍنڍ تي 16 هزار 789 پکين پنهنجا عارضي ٺڪاڻا ٺاهيا. سروي ڊيٽا موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال مهمان پکي روايتي ٺڪاڻن کانسواءِ ڪيترن ئي نون علائقن ۾ به عارضي طور رهيا، جنهن جو سبب پاڻي جي پکيڙ هئي، جيڪا گذريل سال جي ٻوڏ سبب وڌيڪ هئي.