اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري کي به گرفتار ڪرڻ جي اجازت گهري ورتي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي نيب پراسيڪيوٽر عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته بشريٰ بي بي ۽ زلفي بخاري کي به گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ ڪري سگهجي.