لاهور (م ڊ)  پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته سرڪاري ملڪيتن ۽ دفاعي ادارن تي حملو ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڪالهوڪو ڏينهن انتهائي تڪليف ڏيندڙ هيو، هن چيو ته ملڪي معيشت کي هن وقت سخت چيلينجز سامهون آهن، اهڙي وقت ۾ سرڪاري ماڳن کي نقصان پهچائڻ ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو غلط تاثر پيش ڪرڻ انتهائي تڪليف ڏيندڙ آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ آهيون، اسان کي پاڪستان کي ترقي طرف وٺي وڃڻو آهي، ملڪ کي انتشار ۽ افرا تفري کان ٻاهر ڪڍڻو آهي.