نوشھروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ الھه بخش مري ۾ پرائمري مين اسڪول جي عمارت زبون حال ٿيڻ سبب 300 ٻارڙا کليل آسمان ھيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن، جڏھن ته اسڪول ۾ واش روم ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت به ناهي، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن عبدالرزاق مري، محمد اسماعيل، محمد صديق، ولي محمد مري ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڄاڻايل اسڪول 1996ع ۾ ٺهيو هو، جنهن جي هن وقت تائين ڪا به مرمت ناهي ڪرائي وئي، جنهن ڪري عمارت زبون ٿي وئي آهي، هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا ضلعي انتظاميا ۽ تعليم کاتي جي اختيارين کي بلڊنگ جي مرمت ۽ وڌيڪ استاد مقرر ڪرڻ  لاءِ درخواستون ڏنيون آھن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هنن مطالبو ڪيو ته عمارت جي مرمت ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.