آخر ڪنهن کي دانهن ڏجي ؟

0
90
آخر ڪنهن کي دانهن ڏجي ؟

  يونيورسٽيون علم جو در هونديون آهن،جتان نوان خيال، نيون سوچون ۽ نئون روشن مستقبل نڪري ٿو. پر اسان وٽ تعليم جي شرح نه هجڻ جي برابر آهي ۽ تعليم جو معيار به زيرو آهي ۽ افسوس جي ڳالھه اها آهي ته اسان  وٽ مدي خارج نصاب آهي. اهو نصاب اسان تعليمي درسگاهن ۾ پڙهايون ٿا، جنهن نصاب ۾  حملو ڪندڙ لُٽيري  کي هيرو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، اهو نصاب ڪهڙو هوندو اوهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا.

 ڏٺو وڃي ته  اڪثر  پاڪستاني شهري پڙهائي يا ڪاروبار جي سلسلي ۾   جرمني ڏانهن لڏپلاڻ  ڪندا رهيا آهن.  جنهن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي ۽ هن وقت  به ڪيترائي شاگرد ۽ بالغ جرمني ۾ پڙهائي ۽ ڪم ڪار جي سلسلي ۾ ترسيل  آهن. پاڪستاني شاگرد جرمن يونيورسٽين کي ترجيح ڏين ٿا، خاص طور تي  اهي شاگرد  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ دلچسپي رکن ٿا. ان کانسواءِ ڪينيڊا جون يونيورسٽيون پڻ پوري دنيا ۾ سڃاتل ۽ مڃيل  آهن، انهن جي معياري تعليم سان گڏوگڏ  ڪينيڊا جي حڪومت بين الاقوامي شاگردن لاءِ وڏي پئماني تي فنڊ ۽ مالي امداد جا موقعا پيش ڪري ٿي.

جڏهن ته  آسٽريليا جون  ڪيتريون ئي يونيورسٽيون يو-ايس ۽ برطانيا ۾ ڪجهه معروف ۽ اعليٰ درجي جي ادارن سان مقابلو ڪن ٿيون.

     پر انھن جي مقابلي ۾  اسان ھن وقت پنھنجي ملڪ جي تعليمي ادارن تي نظر وجھون  ٿا ته  اسان  جا تعليمي ادارا  ڪيترن ئي ملڪن جي ادارن  کان پوئتي نظر ايندا. جيڪڏھن اسان پنھنجي سنڌ ۾ سنڌ جي ئي  نالي تي ھلندڙ اداري سنڌ يونيورسٽي کي ڏسون ٿا ته سڄي صورتحال ڏکائيندڙ آهي.

    سنڌ يونيورسٽي، جتان هر سال هزارين شاگرد پڙهائي مڪمل ڪري پنهنجي راھه جا راهي ٿين ٿا. پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاگرد ئي اڳيان هلي پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ثابت ٿيندا آهن. باقي ڪيترائي شاگرد ڪوماڻيل گلن جيان پنهنجا ڪاغذ ڪڇ ۾ کڻي در در جا ڌڪا کائيندي نظر ايندا آهن. معياري يونيورسٽين اندر شاگردن جو معيار به اعليٰ درجي جو هوندو آهي جتان شاگرد روبوٽ ٿي نٿا نڪرن پر ويل ايجوڪيٽڊ ٿي نڪرن ٿا جيڪي اڳتي هلي دنيا جي مڃيل ادارن ۾ پنهنجون سرگرميون ڪندي نظر ايندا آهن ۽ نيون شيون سکڻ سان گڏ نوان تجربا ڪري اڳيان اچن ٿا. ايئن به ناهي ته اسان جون يونيورسٽيون زيرو آهن، يقينن اسان جي يونيورسٽين مان به ڪيترائي شاگرد پاڻ  کي مڃرائڻ ۾  ڪامياب ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهندا آهن پر تنهن هوندي به اسان جي تعليمي درسگاهن جو اهو معيار ناهي جيڪو هجڻ گهرجي.

اسان جي درسگاهن ۾ ڪامورن جي مداخلت هوندي آهي وي سي جي مقرري کان  ويندي شاگرد سياست تائين سڀ ڪجهه ڪامورن ۽ چونڊيل نمائندن جي ماتحت هوندو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو شاگرد سياسي علمي ۽ ادبي سرگرميون ڪرڻ کان لنوائين ٿا. جيڪڏهن اهي سياست ڪن ٿا يا وري يونيورسٽي جي مسئلن خلاف احتجاج ڪن ٿا ته بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو، انهي ڪري  ئي شاگرد چپ جو روزو رکي ناانصافيون برداشت ڪندي نظر ايندا آهن .

هن وقت مهانگائي سبب هر طبقو پريشانين جي ورچڙهيل آهي، انهي سان گڏ علم جي اڃ اجهائڻ لاءِ آيل شاگرد به مشڪلاتن جو شڪار آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڳاٽي ٽوڙ فيسون وڌائي شاگردن جي تعليم کي متاثر ڪيو پيو وڃي. سنڌ يونيورسٽي  انتظاميه به  فيسن ۾ ڪا گهٽتائي نٿي ڪري، اهڙي صورتحال ۾ شاگرد مايوس پڻ آهي.

هڪ طرف چيو ويندو آهي يونيورسٽيون خساري  ۾ آهن ته ٻئي طرف انهي ادارن کي تباهه ڪرڻ ۾ انتظاميه وسان ناهي گهٽائيندي.

 حيرت جي ڳالهه اها آهي ته شاگردن جي ٽوئر کان ويندي هر مد ۾ ڪروڙين رپيا فنڊ اچڻ باوجود شاگردن کان ٽوئر ۽ ٻين سرگرمين جي نالن تي  لکين رپين جي اوڳاڙي ڪئي وڃي ٿي. ٽرانسپورٽ جا الڳ پئسا ورتا ويندا آهن. اهڙي مهانگائي ۾ شاگرد طبقو آخر ڇا ڪري؟

ڪروڙين رپيا ايندڙ فنڊ ڪٿي خرچ ٿين ٿا انهي بابت ڪنهن به پڇڻ جي زحمت ناهي ڪئي،هاسٽلن ۾ تيار ٿيندڙ ڀاڄي به صحت لاءِ هاڃيڪار رهي آهي پر مجال آهي جو ڪنهن نوٽيس ورتو هجي.

سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل جو اسٽڊي هال به ڏسڻ وٽان آهي جتي فرنيچر جي ڪا سهولت موجود ناهي. اهو اسٽڊي هال گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بند پيل آهي، شاگردن موجب اسان دانهون ڪيون ٿا پر انتظاميا ٻڌي نٿي. اسٽڊي هال ۾ پکين پنهنجا آکيرا ٺاهي ڇڏيا آهن صفائي به نه هجڻ جي برابر آهي. يونيورسٽي اندر پيئڻ لاءِ صاف پاڻي فراهم نٿو ڪيو وڃي، ڪيترن ئي ڊپارٽمينٽس ۾ واٽر ڪولر موجود ناهن. ٻڌايو پيو وڃي ته هاسٽل جي ڊسپينسري گذريل ڪيتري ڏهاڪن کان بند ڪري ان ۾ آفيسون ٺاهيون ويون آهن. هاسٽلن اندر شاگردن وٽ سمهڻ لاءِ کٽون ناهن ۽ نون ايندڙ غريب شاگردن کي هاسٽل فراهم نٿي ڪئي وڃي. يونيورسٽي هجي يا هاسٽل پر بجيٽ خرچ ٿيندي ڪڏهن نظر نه آئي آهي.

هڪ طرف يونيورسٽين جي اها حالت آهي ته ٻئي طرف اسان جي ادارن جي زمينن تي بااثرن ۽ ڪامورن جو قبضو پڻ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.

ڪجهه ڏينهن اڳ جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي 1825 ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيل آهي. جڏهن ته  هڪ صوبائي وزير لاچاري ظاهر ڪندي چيو هو ته 1960ع کان قبضا شروع ٿيا، ايف-آءِ-آرز داخل آهن پر ماڻهو ڪورٽن ۾ هليا ٿا وڃن.

حيرت جي ڳالھه اها آهي ته سرڪاري ملڪيت تي قبضا ڪري عدالت ويندڙ ڌرين کي عدالت به ڪجهه نٿي ڪري؟

سنڌ اسيمبلي اندر اهي به پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا آهن ته سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي سياستدانن جا قبضا آهن پر صوبائي وزير جو موقف هو ته الاٽ ٿيل زمين تي سياستدان نه پر عام ماڻهن جو قبضو آهي.

انهي مان صاف ظاهر آهي ته اسان جي وسيلن کان ويندي ادارن تائين بااثرن جا قبضا هجن يا  سڀ ڪجهه وڪامجي وڃي ادارا تباھه ٿي وڃن پر ڪجهه ڪرڻو ناهي نه ڪا مزاحمت ڪرڻي آهي نه وري انهن ادارن کي سنوارڻو آهي بس جيڪو جيئن آهي ايئن هلائڻ واري رينگٽ کي فالو ڪرڻو آهي.

اسان جي سنڌ ۾  معياري ادارن جي تمام گهڻي کوٽ رهي آهي، تنهن ڪري خدارا تعليمي ادارن ۾  معياري تعليم ڏيڻ سان گڏ شاگردن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي اتي سٺا ادارا جوڙيا وڃن ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل انهي درسگاهن مان فيضياب ٿي سگهي.