ھڱورجا (ن پ ا)گورنمينٽ رٽائرڊ ايمپلائيز ايسوسيئيشن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج طور 26 فيبروري (اڱارو) کان پريس ڪلبن آڏو بک ھڙتالن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ايسوسيئيشن جي صوبائي صدر عبداللطيف راڄپر اهڙو اعلان ڪندي هڪ بيان ا۾ چيو آهي ته سنڌ جي سمورن کاتن جي رٽائرڊ ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم پاران 10 سيڪڙو وڌايل پگھارون نٿيون ڏنيون وڃن. ان کان علاوه بينوئلينٽ فنڊ ۽ گروپ انشورنس کان پڻ محروم رکيو ويو آھي. جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي تحريڪ جي پھرئين مرحلي ۾ سنڌ جي سمورين پريس ڪلبن آڏو 26 فيبروري کان 28 فيبروري تائين بک ھڙتال ڪي ويندي. ھن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته رٽائرڊ ملازمن جا جائز مطالبا تسليم ڪري کين فاقاڪشيءَ کان بچايو وڃي.