نوشهروفيروز (رپورٽر) ٻه ڏينھن اڳ بيھوشي جي حالت ۾ پوليس کي ھٿ آيل عورت پريس ڪلب پھچي ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف دانھون ڪيون، ان موقعي تي ڪراچي واسڻ عورت نجمه ٻڌايو ته مھينو اڳ ڪراچي مان کيس اغوا ڪيو ويو ھو ۽ اغوا ۾ چار مرد ۽ ھڪ عورت ملوث ھئي، ھن چيو ته اغوا ڪندڙ کيس بيھوش ڪري مختلف جڳھن تي رکندا ھئا ۽ چارئي مرد زبردستي اجتماعي جنسي زيادتي ڪندا ھئا، مون سان وڏو ظلم ڪيو ويو آھي، جوابدارن کي سڃاڻان ٿي، کين گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.