ڊالر جي اگهه ۽ مهانگائي جا اثر

0
140
بحران جو حل چونڊون آهن

ملڪ جي سياسي صورتحال سازگار نه ھجڻ ڪري معشيت تي اثر انداز ٿي رھي آھي. نواز ليگ حڪومت  جي ٿوري عرصي م ڊالر جي قيمت ۾ ايتري تيزي سان اضافو ٿيو آھي جو وڃي هڪ ڊالر 262 رپين تائين پهتو آھي، روپئي جو قدر نه رھيو آھي . ڊالر جي قيمت وڌڻ سان سون جي في تولو قيمت 196000 ٿي وئي آهي . جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته  نواز ليگ جي 2013 کان 2016 تائين حڪومت ۾ ڊالر جي قيمت 85 کان 120 جي وچ تي رھي . وري عمران جي تبديلي واري دور ۾ 175 کان 200 تائين ڊالر جي قيمت رھي . پر ھن وقت ڊالر جي مسلسل قيمت وڌڻ سان ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿي چڪي آھي عام غريب پورھيت طبقي سان گڏ ملازم طبقو به پيٽ گذر ڪرڻ جي ڳڻتي ۾ آھي . ڊالر جي قيمت وڌڻ سان مهانگائي جي شرح  تمام گهڻي وڌي وئي آھي، ماڻھو غربت جي لڪير کان به ھيٺ زندگيءَ گذاري رھيا آھن.

مھانگائي وڌڻ جا سماج تي اثر

                 غربت: غربت ۾ ڏينھون  ڏينھن اضافو ٿيندو ٿو  وڃي . پورھيت 500 کان 800 روپيا ڪمائڻ وارا  عام واهپي جون شيون ڪيئن وٺي سگھندا. ڳوٺن سان گڏ شھري طبقو به سخت پريشان آھي. ھاڻي صرف ملڪ ۾ ٻه طبقا وڃي بچيا آھن ھڪ مٿيون طبقو   Upper clas جن جي ھٿن ۾ سڀئي ذريعا آهن. ان طبقي ۾ سياستدان بيوروڪريسي ۽ سرمائيدار اچي وڃن ٿا اهي امير کان امير ٿيندا پيا وڃن ۽  غريب،وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو.   باقي ھن وقت مڊل ڪلاس نه رھيو آھي باقي سڀ لوئر ڪلاس  lower class ۾ اچي ويا آھن . ان  ۾ مزدور پورھيت ۽ ملازم سڀ اچي وڃن ٿا.

خودڪشي جا ڪيس : روز عام شين جا اگھه وڌڻ سان لوئر ڪلاس سخت پريشان آھي روز اخبارن ۾ بک جي وگھي خودڪشون  ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. غريب ماڻھو ڪي اٽو نه  وٺي سگهڻ ڪري خودڪشيون پيا ڪن.  ملڪ ۾ اھڙي صورتحال رھي ته اڃان خودڪشين ۾ اضافو ٿيندو .

ذھني مريضن ۾ اضافو :-  مهانگائي جي ڪري ذھني مريضن ۽ شگر جي مريضن ۾ اضافو ٿيو آھي . مھانگائي  ماڻھن کي بيمارين ۽ ذھني مرضن  ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آھي.

ڏوھن ۾ اضافو : مهانگائي وڌڻ سان  ڏوهه وڌي ويا آهن. سنڌ جي ھر ضلعي ۾  رات جو Street crime ٿين ٿا. خيرپور ضلعي شھر ۾ رات 8 وڳي ماڻھن کان ڦر جون وارداتون ٿي رهيون آهن. امن امان ۾ خلل آھي .  ماڻھو شهر توڙي  گھرن ۾ محفوظ نه آهن.

ھن وقت عوامڪعي به محفوظ نه آهي   وري مٿان تيل، بجلي ۽ گئس جي بلن جي قيمت ۾ اضافي ڪرڻ سان عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندو. وفاقي سرڪار ملڪ ۾ مھانگائي تي ضابطو آڻي ڊالر جي قيمت تي ڪنٽرول ڪري ته جيئن  عام شين جي اگھن ۾ گھٽائي اچي ۽ ملڪ جي معيشت م بھتري اچي.

اسانجو ملڪ زرعي آھي، زراعت کي هٿي وٺرائي وڃي.

[email protected]