خيرپور (رپورٽر) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پري ايڊميشن انٽري ٽيسٽ 29 جنوري تي پبلڪ اسڪول لطيف آباد حيدرآباد ۾ ٿيندي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ۽ ان سان لاڳاپيل خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجينئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي خيرپور، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري ۽ سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ تدريسي سال 23-2022 جي انڊر گريجوئيٽ ڊگري پروگرام جي پهرين سال ۾ نئين داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ آچر 29 جنوري 2023 تي پبلڪ اسڪول لطيف آباد حيدرآباد  ۾ ٿيندي.