نوشهروفيروز (رپورٽر) روزاني پنھنجي اخبار ۾ ڊسٽرڪٽ جيل نوشهروفيروز ۾ برساتي پاڻي داخل ٿيڻ واري خبر  ڇپجڻ بعد جيل کاتي سخت نوٽيس ورتو ۽ جيل جي قيدين کي مختلف جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي،  ڊسٽرڪٽ جيل نوشهروفيروز ۾ قيد 237 قيدين کي سکر ۽ خيرپور منتقل ڪيو ويندو،ان ڏس ۾ بااثرن ماڻھن پاران زمينن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ سبب ڊسٽرڪٽ جيل پاڻي سان ڀرجي ويو ھو. گھڻن ڏينھن کان زمينن ۾ بيٺل پاڻي گندو ھئڻ سبب قيدين ۾ بيماريون پکڙجي ويون ھيون، اھڙي صورتحال بعد جيل کاتي قيدين کي ٻين جيلن ڏانھن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ھن وقت پھرين مرحلي ۾ 50 قيدين جي منتقل ڪيو ويو آھي. قيدين کي ٻين جيلن ڏانھن منتقل ڪرڻ لاءِ انتظام سخت ڪيا ويا آهن.