نوابشاھ (بيورو رپورٽ)ايڌي فائونڊيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو فيصل ايڌي، عابد لاشاري ۽ اڪرم خاصخيلي سان گڏ ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جو دورو ڪيو، جتي اداري جي چيئرمين پروفيسر علي بخش سومرو ۽ سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد صادق سيال کيس سينٽر جي مختلف شعبن جو معائنو ڪرايو، جنهن ۾ ٻارن جا وارڊ ، بلڊ بينڪ ۽ بلڊ ليبارٽري شامل هئا، ان کان اڳ فيصل ايڌي ٿيليسميا جي ٻارن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن بعد فيصل ايڌي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿيليسميا ڪيئر سينٽر نوابشاھ جو ڪم ساراھ جوڳو آهي، هن چيو ته سنڌ جي ٻئي ڪنهن شهر ۾ به اهڙو ادارو قائم ڪري جنهن ۾ اسان جو ادارو ايڌي فائونڊيشن ساڻن مڪمل سهڪار ڪندو.