لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جماعت اسلامي طرفان شهر جي ٽئنڪ چونڪ وٽ برساتن متاثرن جي لاءِ ٽينٽ سٽي قائم ڪري متاثرن کي راشن ڏنو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سيد عبدالرشيد لاڙڪاڻي پهچي جماعت اسلامي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ ۽ ٻين سان گڏجي ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري اتي ترسيل برساتن متاثرن سان ملاقات ڪري کين ملندڙ سهولتن بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي سيد عبدالرشيد پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت مٿان ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هن وقت ٻوڏ ۽ برسات متاثر بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ سنڌ حڪومت جي امداد جي انتظار ۾ آهن پر کين ڪي به سهولتون فراهم نه ڪيون ويون آهن. هن چيو ته سنڌ جي رليف ڪئمپن ۾ اٽڪل ساڍا ٽي لک ڳورهاري عورتن کي طبي امداد نه ملي آهي جيڪي دوائن ۽ علاج لاءِ پريشان آهن پر سنڌ حڪومت کي انهن جو ڪو به احسان ناهي. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن کان اڳ به اسپتالون سهولتن کان واجهيل هيون هاڻي خبر ناهي ته بيمار ماڻهن جو ڪهڙو حشر هوندو. هن چيو ته جماعت اسلامي جي الخدمت فائونڊيشن طرفان لاڙڪاڻي جي ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل متاثرن کي راشن ڏيڻ سان گڏ سندن علاج ۽ چوپائي مال لاءِ گاهه سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جيئن سندن جون تڪليفون گهٽجي سگهن.