اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نور عالم خان کي وفاقي وزير جو درجو ڏنو ويو. ان کان اڳ هلندڙ سال موجوده حڪومت قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان کي بنا مقابلي پي اي سي چيئرمين چونڊيو هيو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف، نور عالم خان جو نالو پي اي سي چيئرمين طور تجويز ڪيو هو ۽ سينيٽر طلحهٰ محمود ان جي حمايت ڪئي هئي.