ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۾ شديد اختلاف، چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي استعيفا ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ سگا جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 22 ميمبرن پروفيسر سليم ميمڻ جي ميمبرشپ کي غير آئيني قرار ڏيندي، هيڊآفيس جي ڪم ڪار ۾ مداخلت ۽ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل پروگرام تي خرچ ڪيل 60 لک رپين جي آڊٽ نه ڪرائڻ جهڙا سنگين الزام مڙهي بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي هئي، ووٽنگ کانپوءِ ٻه ڏينهن اڳ ٿيل اجلاس ۾ ميمبرن ٻيهر معاملو اٿاريو هو، ذريعن موجب انهي اجلاس دوران چيئرپرسن ۽ ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ چيئرپرسن مهتاب اڪبر راشدي اجلاس مان اٿي هلي وئي هئي، جنهن ڪالهه پنهنجي استعيفا سگا جي سيڪريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏي، ذريعن موجب هن استعيفا ۾ لکيو آهي ته ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ٻين مٿس اعتماد ڪندي اهم ذميواري سونپي هئي، سگا جي اندروني صورتحال اهڙي ناهي جو ڪم ڪري سگهجي، انهي ڪري هو وڌيڪ بطور چيئرپرسن ڪم نٿي ڪرڻ چاهي، انهي ڪري استعيفا ڏئي رهي آهي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي مهتاب اڪبر راشدي استعيفا ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته هن استعيفا ڏني آهي، انهي معاملي تي  وڌيڪ ڳالهائڻ نٿي چاهي ۽ نه ئي وري استعيفا جو سبب ٻڌائڻ ٿي چاهي، ٻئي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سگا جي ڪاميٽي ميمبر پروفيسر سليم ميمڻ پڻ پنهنجي استعيفا سيڪريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، رابطو ڪرڻ تي سليم ميمڻ  تصديق يا ترديد نه ڪئي، ٻئي طرف سگا جي سيڪريٽري ولي محمد روشن بار بار فون ڪرڻ باوجود ڪال اٽينڊ نه ڪئي.