نوري آباد (ن پ ا) ڪورونا سبب تعليم تي وڏو اثر پيو آهي، ڪوھستان ۾ علم جي شمع ٻارڻ لاءِ نڪتا آهيون، سڄاڻ ڌريون درسگاهن ڏانهن توجھه ڏين، اھڙن خيالن جو اظهار ھوپ اينڊ ھيپينيس اڳواڻ ڊاڪٽر بي ڊي اڪراڻي پرائمري اسڪول فضل پالاري، ربڏنو کيڙي، سومار خاصخيلي، حاجي طالب پالاري جي 3 سئو شاگردن ۾ عيد جا ڪپڙا ورهائڻ دوران ڪيو. ان موقعي تي اوم ڪمار، اميت ڪمار، سائين ڏنو پالاري، خدابخش ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.