ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊومحمدخان جي ڳوٺ عبدالله رند ۾ قتل ٿيل 8 ڪلاس جي شاگرد بچو ڪولهي جي قتل ڪيس ۾ عدالت جوابدار ويرجي عرف چونچو جي رمانڊ ۾ ٻن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان پوليس گرفتار جوابدار کي ٽنڊومحمدخان جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي ٻن ڏينهن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ٻي طرف ڊي ايس پي بلڙي شاهه ڪريم سيد مجاهد شاهه ٻڌايو ته نينگر قتل ڪيس جي جاچ ڪري رهيا آهيون، ڌيڪ شاهديون ملڻ بعد ٻيا به جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.