ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) جهلوري لڳ ڳوٺ راڻو ماڇي واسي پورهيت تاج محمد جا ٻه پٽ نالي اسلم ۽ مولا داد ٿيليسيميا جي مرض سبب زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ رت ۽ امداد جي اوسيئڙي جا منتظر آهن. سندس والد پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجا ٻچڙا ٿيليسيميا جي موذي مرض ۾ مبتلا هجڻ ڪري زندگيءَ ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهن، مسڪين پورهيت جو چوڻ هو ته مان وس آهر گهر جو الهه تلهه کپائي علاج ڪرايو هاڻي گهر ۾ ڪجهه به نه بچو آهي، جو ٻچڙن وڌيڪ علاج ڪرائي سگهان. هن اعليٰ اختيارين کان عرض ڪيو ته منھنجي مالي مدد ڪري ۽ رت مھيا ڪيو وڃي.