سکر (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ نواز سنڌ جي صدر شاهه محمد شاهه چيو آهي ته سنڌ جو وڏو مسئلو پاڻي جو آهي جيڪو انساني زندگي حيات لاء اهم آهي، پاڪستان ٺاهڻ وارو سنڌ آهي 91 ۾ جيڪو پاڻي ٺاهه ٿيو ان تي مڪمل عمل ٿيڻ گهرجي، سکر پريس ڪلب ۾ خورشيد ميراڻي، احسان سومرو، علي شير مهر، اعظم خان ۽ ٻين جي موجودگي پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ ماڻهو ۽ آبي حيات ترسي ٿي سليڪٽيڊ وزير اعظم صوبن کي ويڙهائي رهيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان کي ويڙهايو پيو وڃي جيڪو عمل خطرناڪ ثابت ٿيندو، سنڌ کي حصي موجب مڪمل پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته صحافت جي آزادي کان بغير ملڪ هلڻ مشڪل آهي، اسلام آباد ۾ به صحافي غير محفوظ آهن سنڌ ۾ لا ان آرڊر جي صورتحال خراب آهي، سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سنڌ جا محافظ آهيو امن ڪرايو چڪر لڳائي هليا نه وڃون،شيخ رشيد ٻين جي پگهار تي ڪم پيو ڪري سنڌ ۾ گورنر راڄ جي مخالفت ۽ مذاحمت ڪئي ويندي، مخدوم جاويد هاشمي جو گهر ڊاهي حراسان ڪيو ويو