راڻيپور (ن پ ا) ابل واھ، غلام علي شاخ، درازا مائينر ۾ پاڻي کوٽ ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن نماڻو سرڪي، نوڪر شر، نادر وساڻ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ علي آباد وساڻ وٽ لڳايل بک ھڙتالي ڪئمپ تي نائين ڏينھن به احتجاج جاري رکيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته آبپاشي عملدار پاڻي بااثر مٿين پاسي جي زميندارن کي پاڻي جو وڪرو ڪري رھيا آھن، پاڻي نه پھچڻ سبب غريب آبادگارن کي فصل جي پوکائي ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون پاڻي ڏئي هارين سان انصاف ڪيو وڃي.