وارث ڏنو ماڇي (ن پ ا) وارث ڏنو ماڇي ۽ ڀرپاسي جي شاخن ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ آبادگار ٻيجارو به ناهن پوکي سگهيا، مندائتون پاڻي نه ملڻ سبب هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي وئي آهي، ان حوالي سان آبادگارن ضمير حسين سولنگي، نظر محمد بروهي ، اشرف چانڊيو، سرائي وزير ڀٽو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته وارث ڏنو ماڇي ريگيوليٽر مان نڪرندڙ مختلف شاخن وارث ڏنو شاخ ، ڪور ٻيڙو شاخ ، سجاول شاخ ، فتح مائنر ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شاخن ۾ پاڻي پهچايو وڃي، هوڏانهن اي سي ايريگيشن لاڙڪاڻو عمران شيخ اعتراف ڪندي چيو ته پاڻي کوٽ بلڪل آهي، جنهن جو جلد پورائو ڪرڻ لاءِ ڪوشش رهيا آهيون.