ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ ٻٻراڙيو ۾ زھريلي لسي پيئڻ سبب ھڪ گھر جي ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا بيھوش ٿي ويا، چئني ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ڏيپلو ۾ داخل ڪيو ويو. علاج ٿيڻ بعد هوش ۾ اچڻ تي متاثر سکو ميگھواڙ ٻڌايو ته صبح جو ناشتي ۾ لسي ۽ ماني کائڻ جي ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اسانکي الٽيون ۽ چڪر اچڻ شروع ٿي ويا ۽ ڪجهه دير بعد بيھوش ٿي وياسين. اسپتال ۾ علاج ٿيڻ کانپوءِ ھاڻ طبيعت بھتر آھي، وارثن موجب ناري سمترا جي حالت ڳڻتي جوڳي چئي وڃي ٿي. ڊاڪٽرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ناري جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، جلد صحتياب ٿي ويندي.