لاهور (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان فون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران عمران خان جي لانگ مارچ تي ڳالهيون ڪيون ويون، نواز شريف آصف زرداري جي جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي صدر وچ ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهيون به ٿيون. جڏهن ته ننڍين چونڊن تي صلاح مشوري ۽ عمران خان جي لانگ مارچ تي به ڳالهيون ڪيون ويون.ذريعن موجب آصف زرداري مريم نواز، شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي ڪيسن مان بريت تي نواز شريف کي مبارڪباد پڻ ڏني. ذريعن موجب نواز شريف آصف زرداري جو ٿورو ادا ڪندي کيس اسپتال مان گهر منتقل ٿيڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.