اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت بدنيتي جي بنياد تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙيو، ان سان معيشت جو بنياد ڌڏي ويو، اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان جي والد مفتي محمود ڪانفرنس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته عمران خان ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو آهي، ڪڏهن چوي پيو ته باجوا جي حمايت حاصل آهي ۽ ڪڏهن چوي پيو ته بي اختيار آهيان، هن چيو ته عمران خان جي فتني مان جند ڇڏائي ملڪ کي نفرت جي سياست کان پاڪ ڪنداسين، هن چيو ته عمران خان جي بدعا سان اسحاق ڊار واپس اچي ويو، شهباز شريف چيو ته پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام مشڪلاتن مان نڪري ويندو، پاڪستان غريب رهڻ ۽ ڪشتو کڻي وڃڻ لاءِ وجود ۾ نه آيو آهي، وزيراعظم چيو ته سڀاڻي (اڄ) پيٽروليم شين جا نوان اگهه مقرر ٿيڻا آهن، هر 15 ڏينهن کان پوءِ مون کي ننڊ نه ايندي آهي ته ڪٿي ايندڙ 15 ڏينهن ۾ قيمتون نه وڌي وڃن،مولانا فضل الرحمان کي چوان ٿو ته هڪ وڌيڪ شوڪارو هڻي ته جيئن مسئلا حل ٿي وڃن. هن چيو ته جنهن طرح معاشري ۾ زهر ڦهلايو ويو آهي ۽ ان کي تقسيم ڪيو ويو آهي ان لاءِ فڪرمند آهيون، معاشري اندر هڪ اهڙو گروهه پيدا ڪيو پيو وڃي جنهن کي سيکاريو پيو وڃي ته هر شريف ماڻهو جي بيعزتي ڪرڻي آهي، گار سان پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻي آهي عمران ڏينهن رات قوم، ملڪ ۽ ادارن خلاف سازش ڪري ٿو، ان کان وڏو فراڊيو دنيا ۾ پيدا نه ٿيو آهي، اتحادي حڪومت پاران اقتدار سنڀاليو ويو اها گلن جي سيج نه پر ڪنڊن جو سفر آهي، اسان جي نيت صاف آهي.