اسلام آباد(بيورورپورٽ) عام طور تي وقت سان گڏ ووٽ وڌندا آهن پر گذريل 5 مهينن ۾ 25 لک 50 هزار ووٽ گهٽجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب مئي ۾ ڪل ووٽرن جو انگ 12 ڪروڙ 47 لک 50 هزار هو جيڪو هاڻ گهٽجي 12 ڪروڙ 21 لک 90 هزار ٿي ويو آهي. مردن جا 6 ڪروڙ 80 لک 20 هزار مان گهٽجي 6 ڪروڙ 64 لک ۽ عورتن جا 5 ڪروڙ 67 لک 20 هزار مان گهٽجي 5 ڪروڙ 57 لک 80 هزار رهجي ويا آهن. عورتن ۽ مردن جي ووٽن ۾ فرق هڪ ڪروڙ 6 لک 10 هزار رهجي ويو آهي.