نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ خلاف شهرين شمس الدين چانڊيو، مجنو ماڇي، نظام الدين چانڊيو ۽ آفتاب ڪلهوڙو ۽ ٻين نواب ولي محمد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته نواب ولي محمد بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ عملي جو رويو ساڻن ٺيڪ ناهي، دوائون نه ٿيون ڏنيون وڃن جنهن ڪري غريب مريض سخت پريشان آهن، نواب ولي محمد اسپتال عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي هنن مطالبو ڪيو ته نواب ولي محمد بيسڪ هيلٿ يونٽ ۾ دوائن جي کوٽ ۽ عملي جي نامناسب رويي جو نوٽيس وٺي اسپتال کي بهتر ڪيو وڃي.