گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي ليڊيز مارڪيٽ مان نينگر کان موبائل ڦر وارا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا ويا، هٿ آيل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻارڙو دڪان ٻاهران موٽر سائيڪل ڀرسان موبائل فون تي گيم کيڏي رهيو آهي ته هڪ جوابدار موبائل ڦر ڪري فرار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، سي سي ٽي وي فوٽيج گهوٽڪي پوليس کي ڏنا ويا. گهوٽڪي پوليس موجب ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان چور جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي جلد چور کي پڪڙي ڦر ڪيل موبائيل فون واپس ڪرائي ويندي.