سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس مبينا مقابلي بعد هڪ ڏوهاريء کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي.پوليس ترجمان موجب سي سيڪشن پوليس جو لينسڊائون پل ويجهو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس زخمي حالت ۾ هڪ ڏوهاري ايوب شيخ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ٽي پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪري ورتيون آهن، پڌرائي موجب گرفتار جوابدار مٿان مختلف ٿاڻن تي مختلف قسمن جا پنج ڪيس داخل آهن، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا۔ گرفتار جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر پهچايو ويو۔