ننگرپارڪر ( ن پ ا ) ننگرپارڪر ويجهو 5 مهينا اڳ پرڻيل نوجوان ناري ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، وڻ  ۾ ٽنگيل لاش هٿ، خبر ڳوٺ گونگا ويري ۾ 18 سالن جي سرنگهاران زال الجي ڪولهي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن جو گهر ٻاهران ڄار جي وڻ مان ٽنگيل حالت ۾ لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس سواري نه ملڻ جو سبب ڄاڻائي 22 ڪلاڪن کانپوءِ لاش تعلقه اسپتال پهچايو، جتي پڻ ڪجهه ڪلاڪ لاش پيل رهيو، جنهن بعد ضروري ڪاروائي کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته ناري جي 5 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، جڏهن ته  ناري جي سھري ڪمون ڪولهي ٻڌايو ته گهر ۾ ڪو به مسئلو نه ھو،  ناري گھران نڪري وئي اسان سمجھيو ته پاڻي ڀرڻ وئي آھي، جتي ھن خودڪشي ڪري ڇڏي، هوڏانهن پوليس موجب ناري گهر وارن سان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،