مٺي ( رپورٽر) ايس ايس پي ٿرپارڪر ايس ايچ او مٺي کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي تعلقي ناظم ۽ پ پ جي باغي اڳواڻ ۽ سندس  حامين کي عدالت پهچڻ کان اڳ گرفتار نه ڪرڻ تان ايس ايچ او کي هٽايو ويو آهي، خبر موجب ايس ايس پي ٿرپارڪر ايس ايچ او مٺي ماجد ڪي ڪي کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو، آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته باغي اڳواڻ عبدالغني کوسو ۽ سندس 7 حامي گذريل ڏينهن پوليس جي وڏن اٽالن جي گهيري باوجود ضمانت لاءِ مٺي عدالت پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، جڏهن ته ننگرپارڪر ٿاڻي تي داخل ڪيل هڪ ڪيس کي ڳجهه ڳوهه ۾ رکي ايس ايس پي کين گرفتار ڪرڻ جو ٽاسڪ سي آءِ اي سميت مٺي، ننگرپارڪر ۽ مٺي پوليس کي ڏنو هو ۽ هر حال ۾ کين عدالت پهچڻ کان اڳ گرفتار ڪرڻ جو پلان جوڙيو ويو هو، پر ڄاڻايل اڳواڻ وڏي حڪمت عملي سان عدالت اندر پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، ذريعن موجب هڪ پ پ ايم پي اي ۽ صوبائي صلاحڪار عبدالغني کوسو ۽ ڪيس ۾ نامزد سندس ويجهن مائٽن کي عدالت تائين پهچڻ کان اڳ گرفتار ڪرڻ جو هدايتون ايس ايس پي کي ڏنيون هيون پر پوليس ڪارروائي نه ڪري سگهي هئي، واضح رهي ته باغي اڳواڻ ۽ سندس حامين مٿان پ پ ايم پي اي قاسم سومرو جي بنگلي تي حملي ۽ آزاد اميدوار جڳسي ڪولهي جي گهر تي هٿيارن سان ڪاهه ڪري ڌمڪيون ڏيڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس ننگرپارڪر  ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا هئا،