گهوٽڪي (رپورٽر) عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ 8 مهينا اڳ قتل ٿيل پيرسن سردار بخش شاهاڻي جي ڪيس جي حاضري  تي آيل فريادي ڌر ۽ جوابدارن ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي جي حڪم تي ٻنهي ڌرين جي 8 ڄڻن کي لاڪ اپ حوالي ڪيو ويو. فريادي ڌر جي عورتن مسمات حنيفان، مسمات عابده، فاطمه، افسانه، حوران ۽ مائي ست ڀائي شاهاڻي سيشن ڪورٽ اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. مظاهرين عورتن جو چوڻ هو ته 8 مهينا اڳ سردار بخش شاهاڻي کي قتل ڪيو ويو هو. ڪيس ۾ نامزد جوابدارن عدالت ۾جهيڙو ڪيو پر سندن خلاف ڪارروائي بدران اسان جي 6 مردن  کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويوآهي. مظاهرين ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي گرفتار ڪيل ڳوٺاڻن کي آزاد ڪيو وڃي.