ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ رتنياري ۾ ميگهواڙ پاڙي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻن پنهون ميگهواڙ، ماستر ڀيشم ميگهواڙ ۽ سريش ميگهواڙ جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب نياڻين جو پيل لکين روپين جو ڏاج، اناج، گهريلو سامان ٿانو، کٽون، بسترا، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ گاڏي نه پهتي، جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.