ميرپورخاص (رپورٽ: فهد چانڊيو) ميرپور خاص جي اسپيشل برانچ 46 منشيات فروشن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ 17 پوليس اهلڪارن جي لسٽ آءِ جي سنڌ کي اماڻي ڇڏي آهي، ذريعن موجب لسٽ ۾ جن منشيات فروشن جا نالا آهن انهن ۾ نظام، هارون، حسين شر، شوڪت چانڊيو، وسيم ببلو، چندومل، عبدالرشيد، عابد علي، جيٺانند، دوست علي مري، حاڪم مري، دين محمد، فهيم احمد، گل زمان، نعيم، طارق بلوچ، سهيل، نور محمد، بابر قائمخاني، رميش، وقار ملڪ، جنيد ملڪ، محمد سليم، مصطفيٰ مغل، خالد، محمد امين راجپوت، دانش راجپوت، شاهنواز بلوچ، مسلم بلوچ، وسيم، معشوق سومرو، ڦوٽو ڀاٽ، قادو مري، حضور بخش خليل بلوچ، ياسين خاصخيلي، عاشق محمد، ببلو، علي، محمد علي،  رفيق، اڪبر ملڪ شامل آهن، جڏهن ته منشيات فروشن جي سرپرستي ڪندڙ جن 17 پوليس اهلڪارن جا لسٽ ۾ نالا شامل آهن، انهن ۾ ايس ايچ او وزير شر، ايس ايچ او ڪامران هاليپوٽو، ايس ايچ او امين مري، ايس ايچ او حميد مري، اهلڪار غلام حسين بيراڻي، پوليس اهلڪار رشيد خان، هيڊ ڪانسٽيبل علي حسن جروار، پوليس اهلڪار عبيدالله، پوليس اهلڪار فقيرا، پوليس اهلڪار نواز ناريجو، پوليس اهلڪار ربنواز، اي ايس آءِ فريد، هيڊ ڪانسٽيبل شير محمد، هيڊ ڪانسٽيبل فقيرا، ايس ايچ او مجيد گرگيز ، ايس ايچ او رسول بخش ٿهيم شامل آهن، لسٽ ۾ جن ايس ايچ اوز ۽ اهلڪارن جا نالا شامل آھن اهي هن وقت مختلف ٿاڻن تي مقرر ٿيل آهن، جن خلاف اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.