گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آھي پر نصيرآباد ۾ فوڊ سينٽر نه کلي سگهيو ، جڏھن ته فوڊ گدام کي تالا لڳل آھن جنهن ڪري آبادگارن کي باردانو به نٿو ملي.آبادگارن مشتاق کهاوڙ، نديم جلباڻي، حسن کهاوڙ، مير محمد بروهي ۽ ٻين چيو ته حڪومت پهرين مارچ کان ڪڻڪ خريداري جو اعلان ڪيو هو پر سينٽر ناهن کلي سگهيا.هنن چيو ته ڪڻڪ في مڻ اوپن مارڪيٽ ۾ 3800 کان 3900 تائين خريد ڪئي ٿي وڃي، جڏھن ته سرڪاري اگهه في مڻ 4000 آھي.فوڊ کاتي وارن جي آفيسن کي تالا لڳل آھن ۽ اتي ڪو به فوڊ کاتي جو عملدار موجود ناهي، جنهن ڪري اسان مجبورن ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ سستي اگهه تي ڏيڻ تي مجبور آھيون، آبادگارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نصيرآباد ۾ فوڊ سينٽر کولي آبادگارن کي باردانو ڏنو وڃي. هوڏانهن ڊي ايف سي  خادم حسين مگسي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.