ننگرپارڪر (ن پ ا ) ننگرپارڪر لڳ ڪاسبو ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب ڳوٺاڻي امولک ولد روڙو ميگهواڙ جا 4 ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا. هڪ چونئرو، هڪ لانڍي هڪ ڇنو، هڪ رڌڻو سڙي ويا . گهرن ۾ پيل ٻاجهر جا ڪٽا، ڏاج ۾ مليل سامان ۽ کٽون بسترا ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو.