ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ پهاڙ مريءَ ڀرسان ڳوٺ علي محمد ماڇي ۾ چلهه مان چڻنگ اُٿڻ سبب باهه لڳڻ ڪري علي محمد ماڇي، رمضان ماڇي، ولي محمد ماڇي ۽ اسد ماڇي جا 4 ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا. گھرن ۾ پيل سمورو سامان، هنڌ، کٽون، ڪپڙا، پيتين ۾ پيل سونا زيور، روڪ رقم ۽ اناج سڙي رک ٿي ويو. متاثر ڳوٺاڻن وس وارن کي واهر ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.