نصيرآباد(رپورٽر) نصيرآباد جي 23 ٽيمن تي مشتمل ڪرڪيٽ بورڊ جي سالياني چونڊ اليڪشن ڪاميٽي جي نگراني هيٺ ٿي گذري. ڪرڪيٽ بورڊ جي سالياني اليڪشن ۾ صرف هڪ پئنل حصو ورتو، سچل پئنل بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو. جنهن ۾ چيئرمين زوهيب سيال، وائيس چيئرمين ذوالفقار پيرزادو، جنرل سيڪريٽري راجا ريحان لاشاري،  جوائنٽ سيڪريٽري بشير ڪنڀر، انفارميشن سيڪريٽري جاويد لغاري ۽  خزانچي عبدالرؤف بروهي ڪاميابي ماڻي ورتي. اليڪشن ڪاميٽي بنا مقابلي ڪامياب ٿيندڙ پئنل جو اعلان ڪيو.