ڪنڊيارو (رپورٽ وحيد ميمڻ) ڪي پي ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو افتتاح چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو سيد غلام مرتضيٰ شاه ڪيو. افتتاحي تقريب گورنمنٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو ۾ ٿي، جنهن ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ڪنڊيارو محمد ابراهيم جوکيو، آفتاب لاکير، وفا شر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مهمان خاص سيد غلام مرتضيٰ شاهه جو چوڻ هو ته جسم کي تازو توانو رکڻ لاءِ رانديون ضروري آهن، مون کي بيحد خوشي ٿي آهي جو هڪ دفعو ٻيهر ڪنڊيارو جي نوجوانن ليگ جو افتتاح ڪري ڪنڊيارو جي نوجوانن کي راند ۾ حصو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. ڪي پي ليگ جي آرگنائيزر عبدالفتاح ڄامڙو، عبدالغفار اڄڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي پي ليگ ۾ نوشهروفيروز ۽ خيرپور ضلعن جا بهترين ڪرڪيٽر رانديگر حصو وٺي رهيا آهن، ليگ ٽورنامينٽ هڪ مهينو جاري رهندي. ليگ جي پهرئين ڏينهن تي ڪنڊيارو هيروز ڪرڪيٽ ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. مقرر 10 اوورن ۾ 109 رنسون اسڪور ڪيون. جوابي بيٽنگ ڪندي ڪنڊيارو شاهين ڪلب جي ٽيم مليل هدف 7 اوورن ۾ مڪمل ڪري ورتو.