لاهور: (شوبز نيوز) اداڪاره ۽ هوسٽ فضا علي جو چوڻ آهي ته نشي جي عادي ماڻهن جي ڪونسلنگ ڪئي وڃي اها خراب عادت انسان کي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙن ماڻهن جو مذاق اڏائڻ بجاءِ انهن جو علاج ڪرايو وڃي.ميڊيا رپورٽ موجب اداڪاره فضا علي پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ نشي جي عادي ماڻهن جي خراب حالت ۽ معاشري ۾ انهن سان ٿيندڙ سلوڪ کي بيان ڪيو آهي.فضا علي پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾  نشي جي عادي ماڻهن جي ڳڻتي جوڳي حالت ۽ معاشري ۾ انهن سان ٿيندڙ سلوڪ کي بيان ڪيو آهي.فضا علي چيو ته ڪنهن به شيءَ جي لت خراب آهي جيڪا انسان کي برباد ڪري ڇڏيندي آهي. اسان جي معاشري ۾ عام طور تي نشي جي عادي ماڻهن جو مذاق اڏائڻ کان علاوه سندن مٿان تنقيد به ڪئي ويندي آهي.فضا علي چيو ته منشيات جي استعمال جو وڌندڙ رجحان ڳڻتي جوڳو آهي. اهڙي ماڻهن جو علاج ڪرائڻ جي ضرورت آهي.