نوشهروفيروز: نرسري مالڪ شڪيل عباسي ٻڌايو ته سندس نرسري مان سڄي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ڏانھن انبن سميت مختلف ميون جا ٻوٽا ويندا ھئا پر ھاڻي نرسري مڪمل طور سڙي ختم ٿي وئي آهي ۽ اسان مزدورن سميت بيروزگار ٿي ويا آھيون پر سرڪار ڪا به سار ناھي لڌي، ھن چيو ته جيڪڏھن وقت سر پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ھا ته باغ ۽ نرسريون بچي وڃن ھا، ھن چيو ته باغ ڪٽيندي اکيون رت روئين ٿيون.