نوشهروفيروز: باغائي باغن ڪلھوڙو ٻڌايو ته سندس ڏھ ايڪڙن جو پورو باغ سڙي ويو آھي، ھن چيو ته اسان کي برسات نقصان ناھي پھچايو پر بااثرن ۽ انتظاميا گڏجي اسان جا باغ ٻوڙائي تباهه ڪيو آھي، باغائي راشد علي چيو ته پاڻي نيڪال ڪاميٽي ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو، پاڻي ڪاميٽي رڳو بااثر جون زمينون ۽ باغ بچائڻ لاءِ ڪم ڪيو ۽ ڪاميٽي ۾ شامل آفيسرن ڪروڙين روپين جا ڪوڙا بل ٺاهي اسان جي تباھي ڪئي آھي، ھن چيو ته باغ سڙندي ڏسي دل به سڙي ٿي پر ڇا ڪيون، ڪير ٻڌڻ وارو ناهي.