ڄام شورو(رپورٽر) نامياري سياستدان ۽ شاعر مخدوم طالب الموليٰ جي اڄ ورسي ملهائي ويندي. ان ڏس ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، ماهرِ لسانيات، عظيم سياستدان ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي ورسيءَ جي مناسبت سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ جي شخصيت گهڻ رُخي آهي، سندن علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن، هُو وڏي پائي جو هڪ سياستدان هئڻ سان گڏوگڏ هڪ قدآور علمي ۽ ادبي شخصيت پڻ هو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين ادب جي اُفق تي چوڏهينءَ جي چمڪندڙ چنڊ جيان آهي، جنهن پنهنجي روشنيءَ سان ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڏيئا مُنور ڪيا. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته سنڌي ادبي بورڊ لاءِ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جون خدمتون ڪنهن کان به ڳُجهيون نه آهن. 1962ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي مرڪزي آفيس ڪراچيءَ مان کڄي حيدرآباد آئي ته ان وقت سنڌي ادبي بورڊ وٽ پنهنجي عمارت نه هئي ۽ اهو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائينءَ ئي هو جنهن سول لائينز حيدرآباد ۾ پنهنجو ذاتي بنگلو هن اداري جي عمارت لاءِ ڏنو، جتي بورڊ جي مرڪزي آفيس سميت ٻيا شعبا قائم ڪيا ويا. مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“ چيو ته مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ سنڌي ٻوليءَ جي هنج ۾ ڪيترائي ناياب ڪتاب وڌا، جن مان پڙهندڙ اڄ تائين لاڀ پرائي رهيا آهن.