ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو ناليوارو اديب ماڻڪ ملاح ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي  ڊائو اوجها   اسپتال ۾ داخل، ثقافت کاتي وارن سندس  سار نه لڌي، ان ڏس ۾ ماڻڪ ملاح جو چوڻ آهي ته هو ڪيترن سالن کان گردن جي بيماري ۾ مبتلا آھي، ثقافت کاتي وارن علاج  لاءِ درخواستون پڻ ڏنيون اٿم پر ڪير به سار نٿو لھي، ثقافت کاتي وارن ھفتو اڳ ۾ چيو ته اوھان ڊائو اسپتال وڃو،  علاج جو خرچ ثقافت کاتو برداشت ڪندو،   اسپتال داخل ٿيڻ کانپوءَ ڪا واھر ناهي ٿي. هن اپيل ڪئي ته سندس علاج ڪرايو.