ملير (رپورٽر) ملير ڊسٽرڪٽ جيل مان اڄ  20 ڀارتي مهاڻن کي سزا پوري ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويندو، جيل انتظاميا  پاران کين ايڌي انتظاميا حوالي ڪيو ويندو، جيڪي بسن ذريعي کين واگها بارڊر تي پهچائيندا، جتي کين ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ ملير ڊسٽرڪٽ جيل جي سپرنٽينڊنٽ  ارشد شاھ ٻڌايو ته ڀارتي مهاڻن سزا پوري ٿيڻ تي آزاد ڪيو پيو وڃي، کين سومر ڏينهن واگها بارڊر تي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويندو.