ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ملير ۾ شڪار کان روڪڻ تان بيدردي سان قتل ٿيل  ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جوابدار ۽ پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي آزادي خلاف سماجي تنظيم جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيسز جاري، عدالت پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻين کان 17 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو، ان ڏس ۾ شهيد ناظم جوکيو ڪيس ۾ سندس وارثن سان ٺاهه آڌار ڄام اويس ۽ ٻين کي آزاد ڪرڻ کي نيشنل ڪميشن فار هيومن رائٽس هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، اپيل واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ماتحت عدالت شاهديون لڪائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ وارين شقن ۾ به ڪمپرومائيز (سرچاءَ) منظور ڪري ورتو، جڏهن ته عدالت کي انهن شقن ۾ ڪمپرومائيز منظور ڪرڻ جو اختيار نه هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي پراسيڪيوٽر جنرل ۽ ٻين کان 17 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ اهي ته ماتحت عدالت اين سي ايڇ آر جي ڌر بڻجڻ جي درخواست غير قانوني طور رد ڪئي هئي.