ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان کير پياڪ ٻارڙيءَ بازياب، جوابدار زال مڙس گرفتار، ان ڏس ۾ نيو ڪراچي پوليس پاور هائوس چورنگي وٽ ڪارروائي ڪري ٻارڙي نتاشا کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث زال مڙس دانش ۽ ڪرن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ٻارڙي جي والد علي رضا ٻڌايو ته منهنجي گهرواري ڪم سانگي ٻاهر وڃڻ وقت نتاشا کي پاڙيسري ڪرن وٽ ڇڏي وئي، واپسي  تي پاڙيسري عورت ۽ سندس مڙس گهر ۾ موجود نه هئا، اهي ٻارڙي کي اغوا ڪري گهر خالي ڪري چڪا هئا. پوليس موجب زال مڙس خلاف اغوا ڪيس داخل ڪيوآهي