سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران تاريخي لئنسڊائون پل جي بحالي لاءِ بار جي صدر، ڊپٽي ڪمشنر، آرڪيالاجي عملدار ۽ چيف انجنيئر سکر بئراج تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، تاريخي اهميت رکندڙ پل تان بئنر ۽ جهنڊا لاهڻ جو حڪم. تاريخي ورثي لئنسڊائون پل جي خراب حالت بابت  صحافي ۽ وڪيل سهيل ميمڻ جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي درخواست گذار سهيل ميمڻ ٻڌايو ته قومي ورثي جي حيثيت رکندڙ لئنسڊائون پل جي حالت خراب ٿي وئي آهي، ان ورثي جي ڪوبه مالڪي ڪرڻ لاء تيار ناهي، ريلوي، ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي کاتو هڪٻئي کي ذميوار قرار ڏيندا رهندا آهن. ان ڪري تاريخي ورثو تباهه ٿي رهيو آهي. سياسي ۽ مذهبي ڌريون ان سان هٿ چراند ڪري بينر ۽ جهنڊا هڻي پل کي نقصان پهچائي رهيا آهن. ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته اسان کي تاريخي ورثن جي مالڪيءَ جو بنياد وجهڻو پوندو ۽ هاڻي ڪنهن کي به تاريخي ورثي سان هٿ چراند ڪرڻ نه ڏني ويندي. ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل عملدار  لئنسڊائون پل کي اهڙي نموني بحال ڪن جيئن اها منفرد نظر اچي. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته جيڪو به لئنسڊائون پل لاءِ پنهنجي طرفان تعميراتي ڪم واري فنڊ ۾ پئسا ڏئي ته ڏئي سگهي ٿو، ان ۾ آئون پاڻ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ان موقعي تي سکر پريس ڪلب ۽ يونين آف جرنلسٽس ۽ ڪورٽ رپورٽر ايسوسيئيشن طرفان 50 هزار ۽ رائو ائنڊ راڻا بلڊرس 5 لک روپيا فنڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان ملاڻو، درخواستگذار سهيل ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر طارق شهزاد ٿهيم، چيف انجنيئر سکر بئراج سردار شاهه، آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر قاصد ملاح، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل علي رضا بلوچ ۽ عملدارن تي ٻڌل هيريٽيج ڪاميٽي جوڙيندي اڳڀرائي رپورٽ ايندڙ اڱاري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.