نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ واسي پورهيت جي قتل واري مامري ۾ پوليس ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي، جنهن ڪري مامرو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي، خبر موجب پراسرار نموني گم ٿيڻ بعد مبينا طور بيدردي سان قتل ٿيل نئون ڪوٽ واسي نوجوان امتياز ملاح جو اڃا تائين پنگريو ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي جوابدارن جو پتو لڳائي سگهي آهي، جنهن ڪري معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي، مقتول جي وارثن حاجي ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته نوجوان جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي، ريڙهي تي مارڪيٽ ۾ مڇي جو ڌنڌو ڪندو هو، جنهن جي کيسي ۾ گهران نڪرڻ وقت 50 هزار روڪ رقم پڻ هئي، هنن ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب نوجوان کي پٺيان کان پسٽل جي گولي لڳل هئي، جيڪا ڏندن ۾ ڦاسي پئي هئي، جنهن کي ڊاڪٽر ڪڍيو، هنن چيو ته نوجوان جي جسم تي تشدد ۽ تيز ڌار اوزار سان جهير ڏيڻ جا به نشان مليا آهن، هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مختلف رخن کان واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته نوجوان کي ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي وڃي قتل ڪري لاش روڊ تي اڇلايو ويو، واردات واري جاءِ تي  موٽرسائيڪل جي ٽائرن جا نشان مليا آهن.